ويبسائٽ ۾ فونٽ لڳائڻ جو طريقيڪار

سنڌسلامت طرفان پنهنجي ويبسائٽ تي سنڌي فونٽ لڳائڻ هاڻ اڳ به آسان ڪيو ويو آهي، اڳ ۾ ڪنهن به ويبسائٽ تي سنڌي فونٽ لڳائڻ لاءِ فونٽس ڊائونلوڊ ڪري، انهن کي ڪنورٽ ڪري پوءِ وڏي محنت سان ويبسائٽ ۾ لڳايا ويندا هُئا، پر هاڻ سنڌسلامت فونٽ سرور جي اپڊيٽ ورزين اچڻ کان پوءِ CSS ڪوڊ جي سهولت ڏني وئي آهي.

CSS ڪوڊ، فونٽ جو ڪوڊ هوندو آهي، جنهن کي توهان هڪ ڀيرو پنهنجي ويبسائٽ ۾ ڪال ڪرايو پوءِ مرضيءَ مطابق ڪنهن به ٽيگ ۾ مطلوبه فونٽ لڳائي سگھو ٿا، توهان کي فونٽ پنهنجي سرور تي اپلوڊ ڪرڻ ۽ فونٽ ڪنورٽ ڪرڻ جي به ضرورت نه پوندي.

ويبسائٽ تي فونٽ ڪيئن لڳائجن؟

سڀ کان پهرين اُن فونٽ جي CSS لنڪ ڪاپي ڪريو جيڪو توهان ويبسائٽ تي لڳائڻ چاهيندا هُجو، مثال طور سنڌسلامت جو ايس.ايس.ريڊ فونٽ لڳائڻ لاءِ پهرين اُن جو CSS ڪوڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ”CSS ڪوڊ“ جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ صفحو کُلندو جنهن ۾ مطلوبه فونٽ جو سي.ايس.ايس ڪوڊ لکيل هوندو، اُن سموري ڪوڊ کي ڪاپي ڪريو ۽ پوءِ پنهنجي بلاگ يا ويبسائٽ جي CSS ۾ Paste ڪريو.

مطلوبه فونٽ کي استعمال ڪريو.

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اُهو فونٽ ويبسائٽ جي سموري ٽيڪسٽ جو ڊفالٽ فونٽ هُجي ته، پنهنجي ويبسائٽ جي .css فائل ۾  body ٽيگ ۾ اُن فونٽ جي فيملي لڳايو.. مثال طور:

body {
  font-family: 'ssread';
}

فونٽ صرف هيڊنگ ۾ ڪيئن لڳائجي؟

Heading ۾ فونٽ لڳائڻ جو به ساڳيو ئي طريقيڪار آهي، صرف سي.ايس.ايس ۾ باڊي بجاءِ هيڊنگ جو ٽيگ لڳائجو. مثال طور:

heading {
  font-family: 'ssread';
}

H1, H2, H3 {
  font-family: 'ssread';
}

اڃا به سئولو طريقيڪار؟

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اڃا به ڪو آسان طريقيڪار هُجي ته پوءِ هيٺ ڏنل ”پاڻمرادو ڪوڊ“ کي ڪاپي ڪريو ۽ پنهنجي بلاگ يا ويبسائٽ جي سي.ايس.ايس ۾ پيسٽ ڪريو، توهان ڏسندا ته ويبسائٽ يا بلاگ ۾ ”هيڊنگ“ جو جُدا ۽ باقي مواد جُدا فونٽ ۾ نظر ايندو.

 

 

Default font Code (پاڻمرادو فونٽ ڪوڊ)


 @font-face { 
font-family :'mbsaremmasroor'; 
src: 	url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mbsaremmasroor.eot') format('eot'); 
src: 	url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mbsaremmasroor.eot?#iefix') format('embedded-opentype'), 
		url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mbsaremmasroor.woff') format('woff'), 
		url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mbsaremmasroor.woff2') format('woff2'), 
		url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mbsaremmasroor.ttf') format('truetype'), 
		url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mbsaremmasroor.svg#mbsaremmasroor') format('svg'); 
} 
 @font-face { 
font-family :'ssread'; 
src: 	url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/ssread.eot') format('eot'); 
src: 	url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/ssread.eot?#iefix') format('embedded-opentype'), 
		url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/ssread.woff') format('woff'), 
		url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/ssread.woff2') format('woff2'), 
		url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/ssread.ttf') format('truetype'), 
		url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/ssread.svg#ssread') format('svg'); 
} 
h1,h2,h3{
font-family :'mbsaremmasroor'; 
}
p{
font-family :'ssread'; 
}
body{
font-family :'ssread'; 
}

مالي سھائتا ڪندڙ

فونٽ انسٽال ڪرڻ جو طريقو

ونڊوز ايڪس پي ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل کي کڻي C:\Windows\Fonts فولڊر ۾ رکو.

ونڊوزوسٽا،7،8،10 ۾ : ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ کي مائوس جي ساڄي بٽڻ سان ڪلڪ ڪريو (right click) ۽ انسٽال (install) تي ڪلڪ ڪريو.

Mac آپريٽنگ سسٽم ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل تي double click ڪريو ۽ install font جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

هن ويبسائٽ جا سڀ حق ۽ واسطا سسسس وٽ محفوظ آهن

اسڪرپٽ: سنڌ سلامت ٽيم