شبير ڪنڀار  جو تعارف:

سنڌي ٻوليءَ کي خوبصورت فانٽ ڏيندڙ محترم شبيرڪنڀار، 1972ع جنوري مهيني جي پهرين تاريخ تي ڳوٺ سيراچون ڪاڪا تعلقي نيو سعيدآباد ضلعي مٽياريءَ ۾ ڀليڏنو ڪنڀار جي گهر جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول سيراچون ڪاڪا مان حاصل ڪيائين ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1989ع ۾ ڪيائين جڏهن تـ 1995ع ۾ سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين.

شبير ڪنڀار 2000ع ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري ۽ پنهنجي ذاتي ڪاروبار کي ڇڏي اچي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ”سنڌي فونٽ“ جي ڊجيٽل بنيادي ۽ معياري عمارت سازيءَ جو ڪم شروع ڪيو. 

شبير ڪُنڀار هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ کي کوڙ سارا سُهڻا فونٽ ڏئي چُڪو آهي ۽ پاڻ هن وقت هالا شهر ۾ رهائش پذير آهي.

شبير ڪنڀار بابت وڌيڪ تفصيل پڙهو وڪيپيڊيا جي هن لنڪ تي.

 

رابطو: موبائل : | فيسبوڪ

شبير ڪنڀار جا فونٽ

}

مالي سھائتا ڪندڙ

فونٽ انسٽال ڪرڻ جو طريقو

ونڊوز ايڪس پي ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل کي کڻي C:\Windows\Fonts فولڊر ۾ رکو.

ونڊوزوسٽا،7،8،10 ۾ : ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ کي مائوس جي ساڄي بٽڻ سان ڪلڪ ڪريو (right click) ۽ انسٽال (install) تي ڪلڪ ڪريو.

Mac آپريٽنگ سسٽم ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل تي double click ڪريو ۽ install font جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

هن ويبسائٽ جا سڀ حق ۽ واسطا سسسس وٽ محفوظ آهن

اسڪرپٽ: سنڌ سلامت ٽيم