احمد سومرو  جو تعارف:

تعليم: ايم.اي سنڌي, بي.ايڊ
ڪمپيوٽر ۾ سرٽيفيڪيٽ ڪورس
پيشو: استاد/ليڪچرار, سنڌ مسلم گورنمنٽ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ڪراچي
2 فانٽ ٺاهيل آهن. هڪڙو سنڌي ساهت ۽ ٻيو احمد سومرو جي نالي سان.
ڪيترن ئي تحقيقي جرنل جهڙوڪ ڪلاچي, ڪارونجهر ۽ مهراڻ ۾ تحقيقي مقالا شايع ٿيا آهن. ڪاوش مئگزين ۽ ٻين ادبي رسالن ۾ مضمون ڇپجندا رهن ٿا.
سنڌي ساهت.ڪام نالي سنڌي ويب سائيٽ 2004 ۾ ٺاهي. هاڻي اها سائيٽ بند آهي.
علمي ۽ تحقيقي سرگرمين کان سواءِ سنڌي فانٽ ٺاهڻ سان دلچسپي آهي. 2014ع ۾ سنڌ فيسبوڪ فرينڊز نالي رضاڪارن جو گروپ ٺاهيو, جنهن ذريعي ٿر کان ڪاڇي تائين هزارين ماروئڙن کي طبي سهولتون ۽ خوراڪ جو سامان فراهم ڪيو. آسو ٻائي ڪولهڻ ۽ حليما ڀيل جهڙن ڪردارن جي مالي ۽ اخلاقي سپورٽ ڪئي.
2008 کان 2009 تائين پاڪ ٽرانسليشن نالي اداري سان گڏ ڪم ڪري سنڌي ٻوليءَ جي مشيني ترجمي واري پراجيڪٽ تي ڪم ڪيو.

 

رابطو: موبائل : | فيسبوڪ

احمد سومرو جا فونٽ

}

مالي سھائتا ڪندڙ

فونٽ انسٽال ڪرڻ جو طريقو

ونڊوز ايڪس پي ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل کي کڻي C:\Windows\Fonts فولڊر ۾ رکو.

ونڊوزوسٽا،7،8،10 ۾ : ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ کي مائوس جي ساڄي بٽڻ سان ڪلڪ ڪريو (right click) ۽ انسٽال (install) تي ڪلڪ ڪريو.

Mac آپريٽنگ سسٽم ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل تي double click ڪريو ۽ install font جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

هن ويبسائٽ جا سڀ حق ۽ واسطا سسسس وٽ محفوظ آهن

اسڪرپٽ: سنڌ سلامت ٽيم