عمومي پڇيا ويندڙ سوال ۽ اُنهن جا جواب

”فونٽ سرور“ ، ڇا هي نانءُ هن ويبسائٽ لاءِ ٺهي ٿو ؟

هممم.. جي ها.! اسان جو مقصد هِن ئي نانءُ سان ئي وابسطه آهي.

ڇا سڀئي فونٽ مُفت استعمال لاءِ آهن؟

جيتريقدر اسانکي خبر آهي ته، ها. سنڌي ٻوليءَ جا سڀئي فونٽ مُفت استعمال لاءِ ئي آهن، هن وقت تائين سنڌسلامت فونٽ سرور تي صرف اُهي فونٽ رکيا ويا آهن جيڪي مفت ۾ هرڪو استعمال ڪري سگھي.

ڇا اِهي فونٽ ويبسائٽن تي لڳائي سگھجن ٿا؟

جي ها توهان فونٽ سرور تي موجود ڪوبه فونٽ پنهنجي ويبسائٽ يا بلاگ ۾ آساني سان لڳائي سگھو ٿا، طريقيڪار فونٽ سرور تي موجود آهي

فونٽ ويبسائٽ ۾ ڪيئن لڳائجن؟

پنهنجي ويبسائٽ يا بلاگ ۾ فونٽ لڳائڻ جو طريقيڪار معلوم ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

”فونٽ سرور” ۾ توهان ڪهڙا فونٽ استعمال ڪيا آهن؟

لوگو لاءِ چئن مختلف فونٽن کي ڪورل ڊرا ۾ شڪل ڏئي ٺاهيو ويو آهي.. هيڊنگ ”صاريم مسرور“ فونٽ ۾ لڳل آهن ۽ باقي مواد ”ايس.ايس ريڊ“ فونٽ ۾ ويبسائٽ تي سُهڻو نظر اچي ٿو.

ڇا آئون سڀئي فونٽ هڪ ئي وقت ڊائونلوڊ ڪري سگھان ٿو/ٿِي؟

نه، في الحال ته نه، ڇاڪاڻ ته ”سنڌسلامت فونٽ سرور“ ۾ سڀني فونٽن کي هڪ ئي وقت ڊائونلوڊ ڪرڻ جي سهولت نه رکي وئي آهي، اها سهولت عبدالماجد ڀُرڳڙيءَ جي ويبسائٽ ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام ۽ ٻين ويبسائٽن تي رکيل آهي. ۽ ”فونٽ سرور” جو مقصد آهي ته هر شخص پنهنجي مرضيءَ جو فونٽ ڊائونلوڊ ڪري سگھي، انڪري في الحال اها سهولت نه رکي آهي.

مون به هڪ فونٽ ٺاهيو آهي، ڇا توهان اهو فونٽ ”فونٽ سرور“ تي رکي سگھو ٿا؟

بلڪل رکي سگھون ٿا. پر هيٺيان شرط آهن.

فونٽ اڳ ۾ ٺهيل فونٽن کان مختلف هُجي، يعني اڳ ۾ ٺهيل سنڌي فونٽن جو تبديل ڪيل نالي سان فونٽ نٿا رکي سگھون، ها! جيڪڏهن توهان سمجھو ٿا ته مطلوبه فونٽ سڀني کان مختلف آهي ته پوءِ هڪ ڀيرو اسانکي فونٽ موڪليو ۽ اسان اهو فونٽ ضرور رکنداسين.

مون فونٽ ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو آهي هاڻ انسٽال ڪيئن ڪريان؟

فونٽ انسٽال ڪرڻ نهايت ئي آسان آهي، هيٺ ڏنل طريقيڪار تي عمل ڪريو..

ونڊوز ايڪس پي ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل کي کڻي C:\Windows\Fonts فولڊر ۾ رکو.

ونڊوزوسٽا،7،8،10 ۾ : ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ کي مائوس جي ساڄي بٽڻ سان ڪلڪ ڪريو (right click) ۽ انسٽال (install) تي ڪلڪ ڪريو.

Mac آپريٽنگ سسٽم ۾ ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل تي double click ڪريو ۽ install font جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

جيڪڏهن اڃا به ڏُکيائي پيش اچي ته يوٽيوب جي هن لنڪ تي وڊيو ڏِسي وٺو.

 


مالي سھائتا ڪندڙ

فونٽ انسٽال ڪرڻ جو طريقو

ونڊوز ايڪس پي ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل کي کڻي C:\Windows\Fonts فولڊر ۾ رکو.

ونڊوزوسٽا،7،8،10 ۾ : ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ کي مائوس جي ساڄي بٽڻ سان ڪلڪ ڪريو (right click) ۽ انسٽال (install) تي ڪلڪ ڪريو.

Mac آپريٽنگ سسٽم ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل تي double click ڪريو ۽ install font جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

هن ويبسائٽ جا سڀ حق ۽ واسطا سسسس وٽ محفوظ آهن

اسڪرپٽ: سنڌ سلامت ٽيم