منصورپيرزادو  جو تعارف:

منصور پيرزادو جو تعلق ڏھرڪي شھر سان آھي ، منصور پيرزادو پروفيشنل ويب ۽ گرافڪ ڊزائنر آھي. منصور پنھنجي والد رمضان پيرزادو جي پرنٽنگ پريس جي ڪاروبار کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ايپل ڪمپيوٽر جي ابتدائي سکيا 1997 ۾ سکر مان سائين سيد لياقت حسين شاھ جيلاني کان ورتي ۽ پوءِ سائين اياز شاھ جي ٿورن سان آئي.بي.ايم ڪميپوٽر ۾ سنڌي ٻولي لاءِ جدد آڻڻ لاءِ سکيا ورتي.
منصور مئي 1999 ۾ سنڌي ٻولي جا DBM سيريس نالي سان 11 فونٽ تيار ڪيا ۽ بعد ۾ مئي 2000 ۾ ڪورل ڊرا سميت مختلف عربڪ سپورٽيڊ پروگرامز ۾ سڌي ريت سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ پھريون ”ڪي مين“ ڪي بورڊ ترتيب ڏنو ۽ بعد ۾ ان جا مخلتف فونٽس پڻ ٺاھيا.
2002 ۾ جرمني جي شرمھد ڪمپيوٽنگ جي يونيپيڊ پروگرام لاءِ سنڌي يونيڪوڊ ڪيبورڊ (http://www.unipad.org/keyboard/ ) ۽ سنڌي ۾ ReadMe فائل (http://www.unipad.org/links/index.html) پڻ ٺاھيو.
منصور سائين ماجد ڀرڳڙي ڪراچي ۾ ھڪ مختصر ملاقات ڪرڻ بعد سائين ڀرڳڙي جي مدد سان ايم.بي ثانيھ فونٽ ترتيب ڏنو. ھن وقت منصور ڏھرڪي شھر ۾ رھائش پذير آھي جڏھن تھ دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪلائنٽس کي پنھجون خدمون پيش ڪري رھيو آھي جن مان آمريڪا جي شھر الباما جي نيوزليٽر دي لائيٽ ھائوس ٽيم جو حصو آھي.

 

رابطو: موبائل : | فيسبوڪ

منصورپيرزادو جا فونٽ

}

مالي سھائتا ڪندڙ

فونٽ انسٽال ڪرڻ جو طريقو

ونڊوز ايڪس پي ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل کي کڻي C:\Windows\Fonts فولڊر ۾ رکو.

ونڊوزوسٽا،7،8،10 ۾ : ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ کي مائوس جي ساڄي بٽڻ سان ڪلڪ ڪريو (right click) ۽ انسٽال (install) تي ڪلڪ ڪريو.

Mac آپريٽنگ سسٽم ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل تي double click ڪريو ۽ install font جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

هن ويبسائٽ جا سڀ حق ۽ واسطا سسسس وٽ محفوظ آهن

اسڪرپٽ: سنڌ سلامت ٽيم