مڱريو عزيز  جو تعارف:

سنڌي ٻوليءَ کي خوبصورت 10عدد فانٽ ڏيندڙ محترم عبدالعزيز منڱريو، خيرپور ميرس ضلعي جي شهر پير جو ڳوٺ ۾ محترم عبدالرحيم منڱريو جي گهر سن 1985 ڌاري پيدا ٿيا،  پاڻ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي شروعاتي ساٿين منجهان آهن، سندس جي ٺاهيل فانٽ ٻين سمورن فانٽس کان ڪجهه هن ريت منفرد آهن جو اوهان نه صرف سنڌي لاءِ پر ساڳيو فانٽ ساڳئي ڊزائن ۾ انگريزي ٻوليءَ لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهو ٿا. ۽ هيئر به ڪيترائي سنڌي ڪمپيوٽنگ جا سوشل ميڊيا تي گروپ ۽ معلومات ڏيندڙ ڪم ڪندا رهن ٿا جهڙوڪ سنڌي  ڪمپيوٽنگ متعلق رسالو ڇپائڻ، اخبارن منجهه آرٽيڪل لکڻ، سنڌي ڪمپيوٽنگ سان لاڳاپندڙ پروگرام سيمينار ڪرائڻ ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پهرين سي ڊي جي مارڪيٽ ۾ هجڻ به سندن محنت جو نتيجو آهي. پاڻ فانٽ ٺاهڻ جي شروعات 2005 ۾ ڪجهه فانٽ جوڙيندڙ دوست آغا صابر پٺاڻ شڪارپوريءَ کان متاثر ٿي ڪيائون، بعد ۾ 10 عدد فانٽ جوڙي باقي ڪم جي معلومات ثناالله منڱڻيجو جن سان ونڊي، جنهن انهيءَ ڪم کي وڏي محنت سان ڪيو. عبدالعزيز منڱريو انٽر تائين جي تعليم سندس ڳوٺ جي تعليمي درسگاهن منجهان حاصل ڪئي. ان بعد سن 2005 ڌاري شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان، انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ بيچلر ڪيائون،  بعد ۾ نوڪري سانگي سعودي عرب جي وزارت داخلا ۾ آءِ ٽي ايڊمنسٽريشن جي نوڪري ڪندي سن 2014 ۾ مائڪروسافٽ جون چار عدد ڊگريون حاصل ڪيائون، هيئر به پاڻ سعودي عرب جي هڪ سرڪاري اداري سان منسلڪ آهن.

 

رابطو: موبائل : 0 | فيسبوڪ

مڱريو عزيز جا فونٽ

}

مالي سھائتا ڪندڙ

فونٽ انسٽال ڪرڻ جو طريقو

ونڊوز ايڪس پي ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل کي کڻي C:\Windows\Fonts فولڊر ۾ رکو.

ونڊوزوسٽا،7،8،10 ۾ : ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ کي مائوس جي ساڄي بٽڻ سان ڪلڪ ڪريو (right click) ۽ انسٽال (install) تي ڪلڪ ڪريو.

Mac آپريٽنگ سسٽم ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل تي double click ڪريو ۽ install font جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

هن ويبسائٽ جا سڀ حق ۽ واسطا سسسس وٽ محفوظ آهن

اسڪرپٽ: سنڌ سلامت ٽيم