جيئن ته سڀني ساٿين کي اها خبر آهي ته سنڌي ٻولي فونٽس جي معاملي ۾ مالا مال آهي. ۽ هن وقت تائين سنڌي فونٽ ڊيولپرز طرفان سوين فونٽ تيار ٿي چڪا آهن جن ۾ ٽائپو گرافڪ، اسٽائلش ۽ ويب فونٽ شامل آهن. جنهن ڪري ان ڳالهه جي ضرورت شدت سان محسوس ٿي رهي هئي ته :
مٿين سمورن ڳالهين کي سامهون رکندي سنڌ سلامت اهو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جو پاڻ مرادو ذمو کنيو ۽ اهڙو سنڌي فونٽ سرور لانچ ڪري ورتو جنهن ۾ مٿيون ذڪر ڪيل سموريون سهولتون موجود آهن.
ابتدائي مرحلي ۾ سنڌ سلامت فونٽ سرور تي 200 جي لڳ ڀڳ فونٽ رکيا ويا آهن جنهن ۾ آهستي آهستي اضافو ڪيو ويندو. ان کان علاوه سرور کي وڌيڪ جازبِ نظر بڻائڻ لاءِ تبديليون ڪرڻ کانسوءِ فونٽ ڊويلپرز سان رابطو ڪندي سندن تعارف ۽ فونٽ ٺاهڻ بابت ابتدائي خيال پڻ رکيا ويندا.
سنڌ سلامت فونٽ سرور جي ٽيم ۾ شامل آهن ٻه هونهار ۽ قابل نوجوان جن ڏنل ٽاسڪ تي ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ اهو ڪم ڪري ورتو جيڪو اڳ ڪڏهن نه ٿيو هو. اهي آهن:
محترم سجاد علي چنا (ويب ڊيولپر)
محترم عبيدالله عبيد ٿهيم (گرافڪس ڊزائنر ۽ پراجيڪٽ ايڊمنسٽريٽر)
سندن طرفان ڪيل هي سمورو ڪم صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي جي پکيڙ جي نيت سان ڪيو ويو آهي ان لاءِ نه ته هو ذاتي شهرت گهرن ٿا ۽ نه وري سندن ڪو ڪاروباري مقصد آهي ان ڪري سندن طرفان سنڌي ٻولي جي هن شاندار ڪارنامي کي پورو ڪرڻ تي آءٌ کين مبارڪباد پيش ڪندس ۽ توهان طرفان پڻ اهڙي ئي اميد رکندس گڏو گڏ سندن جي ڪاميابي لاءِ دعاگو رهبو.
آخر۾ هڪ گذارش ڪندس ته سنڌ سلامت فونٽ سرور کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ رابطو ڪريو لنڪ تي ڪلڪ ڪري پنهنجي طرفان فيڊ بيڪ ۽ رايا ڏيڻ نه وساريندا.
ونڊوز ايڪس پي ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل کي کڻي C:\Windows\Fonts فولڊر ۾ رکو.
ونڊوزوسٽا،7،8،10 ۾ : ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ کي مائوس جي ساڄي بٽڻ سان ڪلڪ ڪريو (right click) ۽ انسٽال (install) تي ڪلڪ ڪريو.
Mac آپريٽنگ سسٽم ۾: ڊائونلوڊ ٿيل فونٽ فائل تي double click ڪريو ۽ install font جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
هن ويبسائٽ جا سڀ حق ۽ واسطا سسسس وٽ محفوظ آهن