/
فونٽ ڊولپر / شبير ڪنڀار
شبير ڪنڀار

شبير ڪنڀار

Shabir Kumbhar

سنڌي ٻوليءَ کي خوبصورت فانٽ ڏيندڙ محترم شبيرڪنڀار، 1972ع جنوري مهيني جي پهرين تاريخ تي ڳوٺ سيراچون ڪاڪا تعلقي نيو سعيدآباد ضلعي مٽياريءَ ۾ ڀليڏنو ڪنڀار جي گهر جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول سيراچون ڪاڪا مان حاصل ڪيائين ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1989ع ۾ ڪيائين جڏهن تـ 1995ع ۾ سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين.

شبير ڪنڀار 2000ع ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري ۽ پنهنجي ذاتي ڪاروبار کي ڇڏي اچي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ”سنڌي فونٽ“ جي ڊجيٽل بنيادي ۽ معياري عمارت سازيءَ جو ڪم شروع ڪيو. 

شبير ڪُنڀار هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ کي کوڙ سارا سُهڻا فونٽ ڏئي چُڪو آهي ۽ پاڻ هن وقت هالا شهر ۾ رهائش پذير آهي.

شبير ڪنڀار بابت وڌيڪ تفصيل پڙهو وڪيپيڊيا جي هن لنڪ تي.

فونٽ فيسبڪ

 فونٽ

ڪو فونٽ نه مليو

ڳولا يا فلٽر تبديل ڪريو

سڀ فونٽ لوڊ ٿي ويا