/
فونٽ ڊولپر / قدير احمد ڪانڌڙو
قدير احمد ڪانڌڙو

قدير احمد ڪانڌڙو

Qadeer Ahmed Kandhro
قدير احمد ڪانڌڙو سنڌ جي پھرين رضاڪاراڻہ اِي لرننگ پليٽفارم سنڌ آنلائن اسڪول جو سرواڻ، استاد ۽ سماجي ڪارڪن آهي. سندس تعلق نصيرآباد لڳ ميھڙ روڊ سان واقع، ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ننڍڙي ڳوٺ ڪرم خان ڪانڌڙو سان آهي. قدير احمد جو جنم 2 مارچ 1989 ڌاري لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيو. سندس ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ٿي. 2010 ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم بِي اي جي ڊگري ڪرڻ کانپوءِ 2025 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم فل جي ڊگري ڪيائين. ٽيڪنالاجيءَ سان دلچسپي هئڻ ڪري قدير ڪانڌڙو انٽرنيٽ تي سنڌ جي تعليم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽائزيشن لاءِ وس آھر پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. هو 2020 کان، ڪورونا وبا جي دور کان سنڌ جي اسڪولي تعليم کي ڊجيٽائز ڪرڻ واري پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. سندس پاران شروع ڪيل پراجيڪٽ سنڌ آنلائن اسڪول (Sindh Online School) تي 2000 کان مٿي، ڪلاس 1 کان 10 تائين سائنس ۽ رياضي جا وڊيو سبق اپلوڊ ٿي چڪا آهن جن مان سنڌ جا هزارين شاگرد توڙي استاد مفت سکيا حاصل ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي فونٽن ۾ واڌارو ڪندي قدير ڪانڌڙي "سنڌ وطن فونٽ فيملي" نالي فونٽ ٺاهيو آهي جنھن ۾ چار فونٽ ريگيلولر، بولڊ، اٽالڪ ۽ بولڊ اٽالڪ ورجن شامل آهن.
فونٽ qadeerkandhro@gmail.com +923337562332

 فونٽ

ڪو فونٽ نه مليو

ڳولا يا فلٽر تبديل ڪريو

سڀ فونٽ لوڊ ٿي ويا